زرعي يونيورسٽي، فيصل آباد

زرعي يونيورسٽي، فيصل آباد

زرعي يونيورسٽي فيصل آباد

زرعي يونيورسٽي، فيصل آباد: هيءَ ايشيا جي وڏي يونيورسٽي چئي وڃي ٿي، جيڪا فيصل آباد (اڳ ۾ لائلپور) ۾ واقع آهي. پهرين هي ادارو ”پنجاب زرعي ڪاليج اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ طور 1906ع کان قائم ٿيو هو. جنهن ۾ سنڌ مان به ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا، بعد ۾ 1961ع ۾ ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. هن ڪاليج جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ کي الڳ ڪري ”ايوب ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ نالو ڏنو ويو. جڏهن ته زرعي تعليم ۽ زرعي تحقيق کي الڳ الڳ شعبن ۾ ورهائي، زراعت ۾ ٽيڪنالاجي ذريعي ترقيءَ تي زور ڏنو ويو ۽ يونيورسٽيءَ جي ڀرسان واريون زمينون خريد ڪري مختلف تحقيقي ۽ تجرباتي فارم ٺاهيا ويا، جن مان هڪ فارم 750 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جيڪو جهنگ روڊ تي ”پارس“ يعني پوسٽ ايگريڪلچر ريسرچ سيڪشن جي نالي سان قائم آهي. ان کان سواءِ هيءَ يونيورسٽي تدريسي شعبن ۽ تحقيقي ايراضيءَ سميت 1950 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، جنهن ڪري ايشيا ۾ وڏي يونيورسٽي ليکجي ٿي.
زرعي يونيورسٽيءَ فيصل آباد ۾ 1976ع کان سيميسٽر نظام رائج آهي. جنهن هيٺ انٽر پري ميڊيڪل جي شاگردن کي بي. ايس. سي (آنرز) ۽ ڊي. وي. ايم پروگرامن ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته هتي
هوم اڪانامڪس، رورل هوم اڪانامڪس ۽ سوشل سائنس جا مضمون پڻ پڙهايا وڃن ٿا. 1961ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جي قيام وقت استادن جو تعداد 176 هو، پر هن وقت هتي 500 کان وڌيڪ قابل استاد ۽ ماهر خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ پي. ايڇ. ڊي جي سَندَ رکندڙ آهن. هتان جي شاگردن توڙي استادن جا هزارين تحقيقي مقالا بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن. اهڙن استادن ۽ شاگردن ۾ ڪيترا سنڌي به شامل آهن. فئڪلٽي آف ايگريڪلچر سڀ کان وڏي فيڪلٽي چئي وڃي ٿي، جتي گريجوئيشن کان پي. ايڇ. ڊي تائين جا پروگرام متعارف ڪيل آهن، هتي ڪراپ پراڊڪشن، ايگرانامي، جنيٽڪس، سينٽر آف ايگريڪلچر بايو ڪيمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي، پلانٽ پئٿالاجي، فاريسٽري، سوائل سائنس، هارٽيڪلچر، اينٽامالاجي، ڪراپ فزيالاجي، رينج مئنجمينٽ ۽ وائلڊ لائيف سميت ڪيترا شعبا قائم آهن. ان کانسواءِ هتي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ فوڊ انجنيئرنگ فئڪلٽي آف وٽنري سائنس، فئڪلٽي آف اينيمل هسبينڊري ۽ انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر ايڪسٽينشن اينڊ رورل ڊولپمينٽ به قائم آهي. فيصل آباد يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليج ديرا غازي خان،
ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ ديپالپور ۾ به زراعت بابت تعليم ڏئي رهيا آهن.
زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ مختلف ڪورس ۽ ڊپلوما سرٽيفڪيٽ پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن ۾ سي. ٽي ايگريڪلچر، ڇوڪرين لاءِ رورل هوم اڪانامڪس ڊپلومه پروگرام، مالهي ڪلاس، وٽنري اسسٽنٽ، ايگريڪلچر بزنس مئنجمينٽ ۽ ڪمپيوٽر پروگرامن تحت تعليم ڏني وڃي ٿي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام به اهڙي نوعيت جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام متعارف ڪيا آهن، هتان تعليم ورتل ڪيترائي نوجوان وڌيڪ تعليم توڙي تدريسي سلسلي ۾ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. هن وقت زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اقبال احمد خان آهي.


لفظ زرعي يونيورسٽي فيصل آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو